للت دبي

للت دبي : ڀارت جي مشهور سنڌي اداڪاره ۽ ڊائريڪٽر للت دبي جو جنم 31 مئي 1961ع تي پونا ۾ ٿيو. سندس وڏا ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏي ويا هئا. للت دبي ڪيترن ئي اسٽيج ناٽڪن جي ڊائريڪشن ڏيڻ سان گڏ ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري پڻ ڪري چڪي آهي، جن ۾: ’لويو هميشه‘ 1999ع، ’زبيده‘ 2001ع، ’غدار‘ 2001ع، ’مون سون ويڊنگ‘ 2001ع، ’اوم جئه جڳدش‘ 2002ع، ’ڪل هو نا هو‘ 2003ع ۽ ’باغبان‘ سميت ٻيون ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن، جن کيس شهرت ڏياري. پاڻ هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي آهي. بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ اداڪاري ۽ ڊائريڪشن جي شعبي سان لاڳاپيل آهي ۽ بمبئي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ للت دبيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو